اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي وزير اعظم شهباز شريف سان الڳ الڳ ملاقات ٿي آھي، جنهن دوران قومي سلامتي جي صورتحال ۽ ھٿياربند فوج جي پيشيوراڻن معامرن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا وزير اعظم ھائوس ۾ وزير اعظم شھباز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ قومي سلامتي جي صورتحال ۽ ھٿياربند فوج جي پيشيوراڻي معامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير به وزير اعظم شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي دفاع، قومي سلامتي ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي معامرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ڪئي. ذريعن مطابق ملاقات ۾ ايپڪس ڪاميٽين جي فيصلن تي عمل درآمد تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.