اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهبازشريف جي چيني صدر شي جن پنگ سان سمر قند ۾ ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي صدر سان اها پهرين ملاقات آهي. چيني صدر وزيراعظم شهباز شريف کي عمليت پسند شخص ۽ ڪارڪردگي واري شخصيت قرار ڏنو، چيني صدر چيو ته وزيراعظم چين پاڪستان دوستي جي مضبوطي جو عزم رکندڙ اڳواڻ آهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي وارن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ايندڙ 20 هين سي پي سي قومي ڪانگريس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته تنظيم علائقائي سهڪار ۽ يڪجهتي جوڳي عملي منصوبي ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ بهترين فورم آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بلندين تائين وٺي وڃڻ جو عزم ڪيو، وزيراعظم ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي وڏي دل ۽ وقت سر مدد تي چيني صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم شهبازشريف صدر شي جن پنگ سان پنج سپٽمبر تي سيچوان صوبي ۾ آيل زلزلي سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام ان قدرتي آفت دوران چين سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي سي پيڪ جي تبديلي جي اثرن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ايم ايل ون ريلوي رٿا جي فريم ورڪ معاهدي جي پروٽوڪول تي صحيح جي آجيان ڪئي، وزيراعظم تائيوان، تبت، سنڪانگ ۽ هانگ ڪانگ سميت بنيادي مفادن جي سمورن مسئلن تي پاڪستان جي چين سان گڏ مستقل ۽ حمايت ڪرڻ جو عزم ورجايو. وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي، ايف اي ٽي ايف، قومي ترقي، ڪورونا وائرس ۽ بين شعبن ۾ سهڪار تي چيني حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلي، وبائي مرضن ۽ وڌيندڙ عدم مساوات جهڙن چيلينجن سان گڏيل قومن جي چارٽر پٽاندڙ سمورن قومن جي سهڪار سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي اصولي موقف جو شڪريو ادا ڪيو، ٻنهي اڳواڻن گڏيل مستقبل لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي جي اڏاوت جو عزم ڪيو، وزيراعظم شهبازشريف چيني صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني، جڏهن ته چيني صدر چيو ته شهبازشريف جي چين دوري جا به منتظر آهيون.