دوها(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو، قطر جي امير پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي. وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه گهٽ اسريل ملڪن جي تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قطر پهتو. دوها ۾ سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. هو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. ڪالهه هن قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون. هنن پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ سهڪار وڌيڪ وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. قطر جي امير قطر جي ترقي ۾  پاڪستاني پورهيتن جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني سيڪورٽي عملدارن جي ڪارڪردگي جي به واکاڻ ڪئي. قطر جي امير شهباز شريف جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي سهڪار وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي ترقي ۾ قطر طرفان ڀرپور سهڪار جاري رکڻ جو عزم ورجايو. وزيراعظم کيس پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.