وزيراعظم جي صدارت هيٺ اتحادين جو اجلاس، اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ جو گڏيل فيصلو

0
180
وزيراعظم جي صدارت هيٺ اتحادين جو اجلاس
وزيراعظم جي صدارت هيٺ اتحادين جو اجلاس، اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ جو گڏيل فيصلو

لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اتحادي پارٽين متفقه طور تي اسيمبلين جو مقرر مدو پورو ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ڪيو ويو

واضح رهي ته پنجاب جي 20 سيٽن تي 17 جولاءِ تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف 15 ۽ مسلم ليگ ن 4 سيٽون حاصل ڪيون هيون جڏهن ته هڪ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيو هو

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جو اجلاس اڄ ٿيو جنهن ۾ شڪست جا سبب معلوم ڪرڻ ۽ مستقبل جوگڏيل حڪمٿ عملي جوڙن جو فيصلو ڪيو ويو

ذريعن موجب اتحادي پارٽين فيصلو ڪيو ته جلد چونڊون سٺو آپشن ناھي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموريون اتحادي پارٽيون گڏجي پنجاب ۾ به وڏي وزير کي بچائڻ جي ڪوشش ڪنديون