لنڊن(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ برطانيا جي بادشاهه جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي، برطانيا جي نئين بادشاهه راڻي ايلزبيٿ جي تدفين ۾ شرڪت لاءِ آيل پرڏيهي حڪمرانن جي مان ۾ بڪنگهم پيليس ۾ دعوت ڏني. جنهن ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا، وزيراعظم شهباز شريف به تقريب ۾ فرسٽ ليڊي سان گڏ شرڪت ڪئي.