اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت جي 12 کرب رپين جي ڪورونا فنڊ ۾ بيضابطگين جا وڌيڪ تفصيل سامهون آيا آهن. مليل رپورٽن موجب انهن 12 کرب رپين مان ئي وزيراعظم عمران خان غريبن جي مدد لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ به بيضابطگيون سامهون آيون آهن. ان پيڪيج وسيلي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي کاتي ۾ سرڪاري آفيسرن جي گهروارين کي به پئسا ڏنا ويا. آڊٽ رپورٽ بابت چيو ويو آهي ته ان تي ناڻي واري وزارت ڳالهه ٻول ڪندي ۽ ڪجهه صفحن جي تصديق ڪرڻ بعد ان رپورٽ کي عوام جي لاءِ جاري ڪيو ويندو.