اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم هڪ وڌيڪ خاص معاون مقرر ڪري ڇڏيو، فهد هارون وزيراعظم جو خصوصي معاون مقرر، سندس عهدو مملڪتي وزير جي برابر هوندو، ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق وزيراعظم شهباز شريف فهد هارون کي پنهنجو خاص معاون مقرر ڪري ڇڏيوآهي، فهد هارون جي قلمدان جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، مقرري سان وزيراعظم جي خصوصي معاونن جو تعداد 32 ٿي ويو آهي.