اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻن پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جو سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته 2018ع ۾ وزيراعظم جو عهدو 2 ڪروڙ ڊالرن  ۾ خريد ڪيو ويو. مملڪتي وزير پيٽروليم مصدق ملڪ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مٿان تنقيد ڪندي چيو ته 250 ملين ڊالر جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث ڪيئن صادق ۽ امين ٿي سگهي ٿو؟ هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته عارف نقوي سندس حمايتي آهي، جنهن کي آمريڪا ۾ مني لانڊرنگ تي 290 سال قيد جي سزا جو اشارو ڏنو ويو آهي، مصدق ملڪ چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ عارف نقوي جون تصويرون سواليه نشان آهن، فنانشل ٽائمز پابندي پيل فنڊنگ کي پڌرو ڪيو. هن چيو ته عمران خان جو ڪو به آمدني جو ذريعو ناهي ته پوءِ 250 ڪنال جي گهر ۾ ڪيئن رهي ٿو؟ مصدق ملڪ چيو ته ائين لڳي ٿو ته انهن جي هاڻي فرار جو وقت اچي ويو آهي، لڳي ٿو ته هاڻي وٺ پڪڙ جو وقت اچي ويو آهي، عمران خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ هن چيو ته 2018ع ۾ 2 ڪروڙ ڊالرن ۾ وزيراعظم جو عهدو خريد ڪيو ويو، عارف نقوي جڏهن پڪڙيو ويو ته ان چيو ته صدر پاڪستان کي فون ڪيو اهو منهنجو گارنٽيئر آهي. هوڏانهن نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته عمران خان فنانشل ٽائمز تي ڪيس ڪري پاڻ کي ايماندار ثابت ڪري، عمران خان کان بار بار پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت سوال پُڇنداسين، برطانوي اخبار ٻڌائي ڇڏيو آهي ته خيرات جو پئسو ڪيئن پي ٽي آءِ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ 8 سالن کان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي فيصلو روڪرائڻ لاءِ بهانا ڪري رهي آهي، عمران خان فنانشل ٽائمز  تي ڪيس داخل ڪري پنهنجي صادق ۽ امين هجڻ جو ثبوت ڏئي. هن چيو ته عارف نقوي 2013ع ۾ پي ٽي آءِ کي ٽن قسطن ۾ 21 لک ڊالرز مجموعي طور منتقل ڪيا، حڪمران اتحاد پاران اليڪشن ڪميشن کان فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اهو ڪيس 14 نومبر 2014ع تي داخل ٿيو هو. محمد زبير چيو ته چيف جسٽس کي فنڊنگ ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي عمران خان کي طلب ڪرڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ عمران خان کي ڇو نٿي گهرائي؟ پوري پاڪستان جو حساب ٿي سگهي ٿو ته پوءِ عمران خان ڇو حساب نٿو ڏئي سگهي، عمران خان جي ڪري فنڊنگ ڪيس التوا جو شڪار آهي.