ڊبلن (دلچسپ نيوز) وزيراعظم جو انٽرويو دوران ڪتي جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آئرلينڊ جي وزيراعظم هرينس اهم انٽرويو لاءِ صحافين کي گهر سڏايو، وزيراعظم انٽرويو ڏئي رهيو هو ته اوچتو سندس پالتو ڪتو اچي ويو، هينس ڪتي کي نظراندازڪيو ته هن سندس انٽرويو ۾ رڪاوٽون وڌيون، وزيراعظم ڪتي کي پيار ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي پر هو راضي نه ٿيو آخر هينس مجبور ٿي کيس پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪتي کيس چڪ پائي ڇڏيو. بعد ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ڪتي کي پڪڙي ورتو. ڪتي جي اها وڊيو وائرل ٿيڻ بعد دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا آهن.