وزيراعظم جو احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0
218
صدر عارف علوي شهزاد اڪبر

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته استعيفيٰ وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي

شهزاد اڪبر لکيو ته اميد آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ احتساب جو عمل جاري رهندو، پارٽي سان لاڳاپيل رهندس ۽ قانون جي حوالي سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهندس

شهزاد اڪبر جي استعيفيٰ: وڌيڪ اهم ڪم توهان جي انتظار ۾ آهي: فواد چوڌريرانا شميم جو حلفي بيان نواز شريف تيار ڪرايو: فواد چوڌري

ٻئي پاسي وفاقي وزير فواد چوڌري وزيراعظم جي گهرو ۽ احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر جي استعيفيٰ تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته شهزاد اڪبر سخت دٻاءُ ۾ ڪم ڪيو، مافيا تي ڪم ڪرڻ آسان نه هو پر هن ڪيسن کي بهترين طريقي سان ڏٺو

فواد چوڌري شهزاد اڪبر کي هڪ ٻي ذميواري ڏيڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته وڌيڪ اهم ڪم سندس انتظار ۾ آهي