اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جهانگير ترين گروپ سان ملاقات تيار، اڄ گروپ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم سان اڄ ملاقات ۾ جهانگير ترين گروپ جا 30 کان وڌيڪ پارليامينٽ ميمبر شامل هوندا، جن ۾ 11 ايم اين ايز ۽ 22 ايم پي ايز شامل هوندا، ملاقات ڪندڙن ۾ ايم اين اي راجا رياض، وفاقي وزير صاحبزاده محبوب سلطان، ايم اين اي غلام بي بي ڀروانا، ايم اين اي سميع گيلاني، رياض مزاري، خواجا شيراز، مبين انور، جاويد وڙائچ، غلام لالي، ايم اين اي فيض الحسن شاهه، صاحبزاده امير سلطان به وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ۾ شامل هوندا. پنجاب جو صوبائي وزير نعمان لنگڙيال، اجمل چيمه، صوبائي صلاحڪار عبدالحئي دستي، امير محمد خان، رفاقت گيلاني ، فيصل جبوانه وزيراعظم سان ملاقات ڪندا، ايم پي ايز خرم لغاري، اسلم ڀروانا، نذير چوهاڻ، آصف مجيد، بلاول وڙائچ، عمر آفتاب، طاهر، روار وڙائچ، نذير بلوچ، عمر تنوير بٽ، امين چوڌري، چوڌري افتخار گوندل، غلام رسول سانگها، قاسم لنگها، سيد اڪبر نوراني ۽ سلمان نعيم به جهانگير ترين جي هم خيال گروپ جي نمائندگي ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي ميمبر جهانگير ترين ڪيس تي وزيراعظم کي حقيقتن کان آگاهه ڪندا. ان سلسلي ۾ جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته آئون پاڻ ملاقات ۾ شريڪ نه هوندس، منهنجو هم خيال گروپ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، واضح رهي ته وزيراعظم طرفان سياسي ڪاميٽي کي جهانگير ترين سان ملڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو پر جهانگير ترين معذرت ڪري ڇڏي هئي. جهانگير ترين جو چوڻ هو ته ڪنهن ڪاميٽي سان ملاقات نه ٿيندي، اسان پنهنجو موقف وزيراعظم سامهون ئي رکنداسين.

لاهور (م ڊ) شگر اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جو سربراهه تبديل ڪيو ويو، ڊائريڪٽر رضوان جي جاءِ تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ابوبڪر خدابخش کي مقرر ڪيو ويو، ايڪسپريس نيوز موجب جب کنڊ مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان جهانگير ترين سوڌو اپوزيشن ليڊر شهباز شريف خلاف به جاچ ڪئي هئي. کنڊ ذخيري سميت سٽي بازي ۾ ملوث شگر ملز مالڪن ڪيس داخل ڪرڻ کان ويندي جاچ واري ڪاروائي ڪئي وئي هئي. جاچ 70 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي، ڊاڪٽر رضوان ٽيم جو حصو رهندو پر سربراهه نه هوندو. اهي پڻ افواهه آهن ته جهانگير ترين ۽ شهباز شريف کي بچائڻ لاءِ رضوان کي تبديل ڪيو ويو.