اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي ٻن ڏينهن جي ترڪي جي دوري جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف  اڄ 25 نومبر ۽ سڀاڻي 26 نومبر تي ترڪي جو دورو ڪندو، دوري دوران وزيراعظم ترڪ صدر سان گڏ پاڪ ترڪ تعاون سان بحري جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندو ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات پڻ ڪندو، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، وزيراعظم ترڪ بزنس ڪميونٽي سان به ملاقات ڪندو، دوري دوران ايس سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ بينڪ جو صدر به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو.