وزيراعظم انصاف جي خاطري ڪرائي، پ پ ۽ ن ليگ سان رابطو ناهي: جهانگير ترين

0
260
جهانگير ترين پاران نئين پارٽي ٺاهڻ لاءِ ڪوششون جاري
جهانگير ترين پاران نئين پارٽي ٺاهڻ لاءِ ڪوششون جاري

لاھور (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سان ان جي دوستن جي ملاقات سٺي رهي ۽ وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته هو پاڻ مامرن کي ڏسندو ۽ چيو آهي ته انصاف ٿيڻ گهرجي، لاهور جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊِيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته منهنجو ڪيس ڪرمنل آهي، هن ۾ ايف آءِ اي جو ڪو به ڪردادر نه آهي، ڇو ته هي بزنس اشو آهي، هن ۾ پبلڪ فنڊ استعمال ناهي ۽ نه ئي سيڪرٽ اڪائونٽ ناهي، ان ڪري اميد آهي ته علي ظفر چڱي طرح سان ڏسي ڪري وزيراعظم کي ٻڌائيندو، هن چيو آهي ته منهنجي دوستن جي وزيراعظم سان ملاقات سٺي رهي، اسان جي ماڻهن به کلي ڪري ڳالهيون ڪيون، جيڪي خدشا هئا انهن کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته انصاف ٿيندو، هن چيو آهي ته منهنجي ڪيس جي ڪا به حقيقت نه آهي، سڀني کي خبر آهي ته هن ڪيس جو بنياد ڪجهه ٻيو آهي، اسان جاچ نٿا ڀڄون، هڪ سال کان جاچ ٿي رهي آهي، هزارين نه پر لکين دستاويز ڏنا، منهنجي ڪمپني جي ماڻهن 100 پيشيون ڀوڳيون آهن، هن ڪيس جو ڪوئي حل نڪرندو جڏهن ته اسان ڪڏهن به نه چيو ته ڪيس ختم ڪري ڇڏيو، اسان چاهيون ٿا ته پوري طرح جاچ ٿئي ته عوام به ڏسي اسان صحي سرخرو ٿياسين، شاهه محمود قريشي جي بيان بابت سوال تي هن چيو ان تي ڪا به ڳالهه نه ڪندس، هي هلڪي ڳالهه آهي ۽ اسان کي هلڪي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏيئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ وارن سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو.