اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪفايت شعاري جي دعويدار موجوده حڪومت پاران وزيراعظم آفيس جي خرچن لاءِ گذريل سال  ي ڀيٽ ۾ جاري خرچن لاءِ غير معمولي اضافو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، بجيٽ دستاويز مطابق وزيراعظم آفيس انٽرنل ونگ لاءِ نئين مالي  سال 23-2022ع جي خرچن لاءِ 46 ڪروڙ 50 لک رپيا رکيا ويا آهن، گذريل سال 22-2021ع دوران 40 ڪروڙ 10 لک رپيا رکيا ويا هئا، وزيراعظم آفيس جي پبلڪ ونگ لاءِ 52 ڪروڙ 80 لک رپيا رکيا ويا آهن، گذريل سال ان لاءِ 37 ڪروڙ 30 لک رپيا رکيا ويا هئا، قومي اسيمبلي جي خرچن لاءِ نئين مالي سال 23-2022ع دوران 6 ارب 16 ڪروڙ 10 لک رپيا رکيا ويا آهن، گذريل سال ارب 58 ڪروڙ 10 لک رپيا رکيا ويا هئا، جڏهن ته سينيٽ جي خرچن لاءِ 3 ارب 74 ڪروڙ 57 لک 46 هزار رپيا رکيا ويا آهن، گذريل سال سينيٽ جي خرچن لاءِ 3 ارب 21 ڪروڙ 48 لک 26 هزار رپيا رکيا ويا هئا.