ٺٽو ( رپورٽر ) ور شهر مان گذرندڙ مک سم نالي گھوڙاٻاري آئوٽ فال ڊرين جي پلٽي پوڻ سبب سم نالي جي ٻنهي پاسن جي ڪپرن جي ٽٽي ويل بندن ڪري هتان جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جي شهر سان گاڏين ذريعي ٿيندڙ آمدرفت سخت متاثر ٿي وئي آهي هتان جي ڳوٺاڻن پاران چيو ويو آهي ته گھوڙاٻاري آئوٽ فال ڊرين جي ٻنهي پاسن جي ڪپرن جي سخت متاثر ٿيڻ ڪري هتان جي سموري گاڏين جي آمدرفت معطل ٿي وئي آهي، جنهنڪري هتان جي ڳوٺاڻن جو گاڏين ذريعي شهرن سان رابطو سخت متاثر  آهي جڏهن ته گاڏين جي نه اچڻ ڪري هتان جو سبزيون وغيره پڻ مارڪيٽ تائين نه وڃي پيون سگھن، جڏهن ته بيمارم کي پڻ علاج لاءِ اسپتالن ۾ پهچائڻ جي سلسلي ۾ سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي هنن گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي ور ويجهو سخت متاثر ٿي ويل سم نالي گھوڙاٻاري آئوٽ فال ڊرين جي ختم ٿي ويل ڪپرن جي فوري مرمت ڪرائي بند پيل گاڏين جي آمدرفت بحال ڪرائي وڃي.