ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان چڪ 37 ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پڳ جي وارثي تان سئوٽن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزادڻو استعمال، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري علي نواز شيخ، سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جکڙائو پوليس کڻائي ورڪشاپ جي اسپتال پهچايو ويو، جتي کيس فوري طور طبي امداد ڏني وئي. طبي امداد ملڻ بعد زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جکڙائو پوليس وڌيڪ علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر ڏئي سول اسپتال سانگهڙ روانو ڪري ڇڏيو. زخمي علي نواز شيخ جي وارثن جي فرياد تي جکڙائو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي. پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. جهيڙي بعد ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آھن. ھڪ ٻئي جي گهرن مٿان وقفي وقفي سان فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي. علائقي ۾ اھڙي جهيڙي بعد خوف و حراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي جکڙائو پوليس پڻ جهيڙي واري ھنڌ پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي آھي.