ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي اڃا تائين نيڪال ناهي ڪرايو ويو، جنهن ڪري مکين ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، خبر موجب ورڪشاپ ۽ ڀرساسي جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ان ڏس ۾ چڪ 55، چڪ 56، صدرٺ سميت ٻين ڪيترن  ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري مڇرن ۽ مکين جو آزار وڌي ويو آهي ۽ علائقي۾ معصوم ٻارن ۾ گيسٽرو جي بيماري ڊڦهلجڻ جو خطرو آهي، ڳوٺاڻن غلام محمد، رانجهن، بشير احمد، بچل ۽ ٻين چيو ته دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي،