ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ وچ شهر ۾ پورھيت نوجوان مبينا طور ٽن ڄڻن جو سچو پترن ۽ لٺين سان تشدد، پورھيت جا ڪپڙا ليڙون ليڙون، موجود  شهرين ڇڏائڻ جي زحمت نه ڪئي، وڊيو وائرل، خبر موجب پورھيت شاھد چانڊيو کي وچ شهر ۾ سندس ئي برادري جي ماڻهن خالق چانڊيو، معشوق چانڊيو ۽ خالد چانڊيو سچو پترن ۽ لٺين جو وسڪارو لائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن دوران پورهيت اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندا رهيا، جڏهن ته شهر ۾  گشت ڪندڙ پوليس اھلڪارن سندس مٿان کلندا رھيا، تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، تشدد جو نشانو بڻيل پورھيت شاھد چانڊيو پريس ڪلب پهچي چيو ته منگلي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، انصاف نه مليو ته پاڻ تي پيٽرول ھاري خودڪشي ڪندس، هن چيو ته پنهنجي برادري جا ڪجھه بااثر مونکي ڀاءُ جي پسند پرڻي واري معاملي جو راڄوڻي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، منگلي پوليس ٻڌايو ته تشدد ۾ ملوث ماڻهن جي گهرن تي چڙھايون ڪيون آهن پر هو هٿ اچي ناهن سگهيا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.