ورڪشاپ (ن پ ا) سانگهڙ تعلقي جي يونين ڪائونسل شاهه سڪندر آباد جون 4 ديهون توڳاچو، دٻي، اڪن واري، ھرڻ ٿري مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، ان حوالي سان  ڳوٺاڻن علي غلام جوڻيجو، جعفر الدين  بهڻ، الله بخش علي، نواز بھڻ، مدد جوڻيجو، رجب لغاري  ۽ ٻين دانهيندي چيو ته   مکي جا هڪ سئو  کان مٿي ڳوٺ ستن مهينن گذرڻ بعد برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن،  هر طرف پاڻي پاڻي نظر پيو اچي،  جنهن سبب چيٽ توڙي ڪتي جو فصل به پوکجي نه سگهيو آهي، هنن چيوته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.