ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ صدر ٽو  شاخ کي آر ڊي پنج وٽان 30 فوٽ  گهارو پئجي ويو، جنهن سبب شاخ جو پاڻي ڀرپاسي پوکيل فصلن ڪمند، ڦٽين ۽  سارين ۾ داخل ٿي ويو، ڳوٺاڻن موجب گهاري جو اطلاع بر وقت آبپاشي عملدارن کي ڏنو پر هو ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ گهاري واري ھنڌ پهتا، جنهن ڪري وڏو نقصان ٿيو آهي، هوڏانهن آبپاشي عملدار ٻڌايو ته گهاري جو اطلاع ملندي ئي بليدار پهتا، جن شاخ منڍ کان بند ڪري پوکيل فصلن کي بچائي ورتو،