ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو زميني تڪرار تان جهيڙو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 ڄڻا سخت زخمي، خبر موجب چڪ 36 ۾ زمين جي مالڪي تان بگٽي ۽ مسيحي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب فدا حسين، شريف ۽ نظير بگٽي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال سانگهڙ نيو ويو، جتان هڪ زخمي فدا حسين لغاري کي نازڪ حالت هجڻ سبب نوابشاهه اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جو لاش سانگهڙ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهي هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.