ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان يونين ڪائونسل شاهه سڪندرآباد لڳ ڳوٺ بالاچ خان رند ۾ گورنمينٽ پرائمري  اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، ستر کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت سردي ۾ کليل آسمان ھيـٺ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور  آهن، مقامي ڳوٺاڻن قادر بخش چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول کي قائم ٿئي  15 سال ٿي ويا آھن، تازو پيل برساتن ۾ ٺهيل ڇپرو به پٽ پئجي ويو، هنن چيو ته اڃا تائين اسڪول جي بلڊنگ ناھي ملي سگهي ۽ نه ئي ڪو فرنيچر ڏنو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول جي نئين عمارت ٺهرائي ڏني وڃي.