ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان چڪ 32 روڊ تي ڳوٺ کان شهر طرف ايندڙ نوجوان عبدالڪريم عرف بابا بروھي کي جيپ تي سوار اڻڄاتل ھٿياربندن تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد اغوا ڪيو، اغوا کان بچي ويل نوجوان جي ڀاءُ ابرار بروھي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته چار کان وڌيڪ ٻٽون ٻڌل ھٿياربند جيپ ۾ نوجوان کي نوابشاهه طرف کڻي ويا، اطلاع تي ورڪشاپ پوليس ۽ شهري وڏي انگ ۾ واقعي واري ھنڌ پهتا، پوليس ٻڌايو ته واقعي جي گهڻي رخي جاچ ڪريون پيا.