ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ڀرپاسي وارن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، رستا بند، فوتي عورت جو جنازو برساتي پاڻي مان گذاريو ويو، ان ڏس ۾  ڳوٺ مصري خان ڳاھو ۾ فوت ٿي ويل عورت جو جنازو متبادل رستو نه هجڻ سبب ڳوٺاڻن برساتي پاڻي جھاڳي قبرستان تائين پھچايو، ٻي طرف  ڳوٺاڻن بخشل خان ڳاھو، علي محمد ڳاھو، حاتم ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برساتي پاڻي ھڪ مھيني کان ڳوٺن ۾ بيٺل آھي، انتظاميا پاڻي نيڪال لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.