حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ ايڊهاڪ جي بنيادن تي ڀرتي ٿيل ٻن چيف  انجنيئرن جون ترقيون رد ڪيون ويون آهن. 20هين گريڊ جي مشتاق احمد ميمڻ ۽ 20هين گريڊ جي علي اڪبر ابڙو کي مليل ترقين کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ٻنهي آفيسرن جي ايڊهاڪ جو مدو گڏائي کين 2017ع ۾ ترقيون ڏنيون ويون هيون ۽ بعد ۾ هو ان ئي سينارٽي جي بنياد تي ترقيون ڪندا گريڊ 20هين ۾ چيف انجنيئر جي عهدي تي پهتا. سندن ترقين خلاف ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ مستقل بنيادن تي ڀرتي ٿيل آفيسرن ايوب جوڻيجو، ارشد ڀٽو، مختيار سميجو، حبيب الله شيخ، غلام شبير ميمڻ ۽ ٻين سنڌ سروسز ٽربيونل سان رجوع ڪيو. سنڌ سروسز ٽربيونل 11 فيبروري 2021ع ۾ سندن ترقين کي غيرقانوني قرار ڏنو پر لاڳاپيل کاتي سندن ترقيون ختم ڪرڻ بدران کين 19هين مان 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏئي ڇڏي. اهڙي عمل خلاف ڄاڻايل آفيسرن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سان رجوع ڪيو. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 2 جون 2022ع تي پنهنجي هڪ مختصر فيصلي ۾ انهن آفيسرن جون ترقيون رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ترقيون رد ٿيڻ کانپوءِ 20هين گريڊ جو چيف انجنيئر مشتاق احمد ميمڻ 19هين گريڊ ۾ سپرنٽيندنگ انجنيئر ٿي ويو آهي. هو هن وقت چيف انجنيئر بلڊنگس ڪراچي مقرر ٿيل آهي. اهڙي طرح ترقيون ڪالعدم قرار ڏيڻ سبب 20هين گريڊ جو علي اڪبر ابڙو 18هين گريڊ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٿي ويو آهي. علي اڪبر ابڙو هن وقت وزيراعليٰ سنڌ جي انسپيڪشن ٽيم ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور مقرر ٿيل هو. انهن آفيسرن جون ترقيون رد ٿيڻ سبب عدالتن سان رجوع ڪندڙ آفيسرن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي.