راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت جو اسٽار بيٽسمين ورات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ مختصر فارميٽ واري ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندو. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته ورات ڪوهلي شايد ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ بعد مختصر فارميٽ جي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندو. شعيب اختر وڌيڪ چيو ته ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ تي مڪمل توجهه ڏيڻ لاءِ ورات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تان رٽائر ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن مان سندس جاءِ ته هجان ته اهو فيصلو ڪريان.