ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو آهي ته قومي ٽيم ۾ بيٽنگ جو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان ڪري انگلينڊ خلاف سيريز ۾ مختلف ڪمبينيشن بڻائي رهيا آهيون. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ تبديلي جو پلان ناهي پر آپشن ضرور موجود آهي. اميد آهي فخر زمان فٽ ٿي ويندو، جيڪڏهن فٽنس مسئلا برقرار رهيا ته ڪجهه نالا غور هيٺ آهن. ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ تبديلي جي حوالي سان چيف سليڪٽر چيو ته اڃا تائين تبديلي جو ڪو پلان نه آهي پر آپشن ضرور موجود آهي. انجريز سبب به تبديلي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته صائم ايوب ۽ شرجيل اسان جي 18 رانديگرن ۾ آهن پر 15 رانديگرن ۾ نه آهن. هن چيو ته ضروري ناهي ته اوپنر جي جاءِ تي اوپنر جي ئي چونڊ ڪريون، ڪجهه نالا آهن جيڪي اسان جي نظر ۾ آهن. چيف سليڪٽر چيو ته اڳوڻا ڪرڪيٽر سليڪشن تي ۽ مون مٿان جيتري چاهي تنقيد ڪن ڇوته سڀني جي پنهنجي راءِ هوندي آهي پر خراب تڏهن لڳندو آهي جڏهن ڪرڪيٽر نالا وٺي رانديگرن کي نشانو بنائيندا آهن، هر رانديگر جي عزت هوندي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ ملڪ جي عزت هوندي آهي.