لنڊن(م ڊ)ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي 34هين سالياني عالمي سنڌ ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ ٿيل تباهڪارين جا ذميوار حڪمران آهن جن هٿرادو ڪٽ هڻي قيمتي جانيون توڙي مالي نقصان ڪيو. لنڊن ۾ گهرايل ڪانفرنس ۾ آمريڪا، ڪئنيڊا، يورپ، ڀارت ۽ برطانيا جي ڪنڊ ڪڙڇ  مان  وڏي تعداد ۾ سنڌي ڪٽنب شريڪ ٿيا، ڪانفرنس جي شروعات ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري تقريب ٿي. جنھن ۾ وائيس آف سنڌ لنڊن جي سربراهه سائين امداد علي اوڍو نون چونڊجي آيل اڳواڻن کان حلف کڻايو.  ان موقعي تي ٽيون ڀيرو چونڊيل چيئر پرسن ڊاڪٽر روبينا شيخ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهي آهي. سنڌين کي پنهنجي وطن جي حق خوداراديت لاء گڏيل، منظم ۽ متحد جدوجهد ڪرڻي پوندي. پختون ڊيموڪريٽڪ پارٽي اڳواڻ افراسياب خان خٽڪ چيو ته پنجاب پنجابين جو آهي، بلوچستان بلوچن جو، خيبر پختونخوا پختونن جو جڏهن ته سنڌ صرف سنڌين جي آهي ۽ اُن تي حق صرف ۽ صرف سنڌين جو آهي. جڳ مشهور پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس چيو ته اسان صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن توڙي اُنھن سان لاڳاپيل ادارن کي موسمي پيشنگوئين جي آڌار تي آگاهه ڪيو هو ته تباهي کان بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺن ۽ تياري ڪن پر افسوس اُن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته حڪومت جي نااهلي ڪري شاخن، بندن، خاص طور تي منڇر ڍنڍ کي هٿرادو ڪٽ ڏئي هزارين قيمتي جانيون ۽ مال جو نقصان ڪيو ويو. هن واضع ڪيو ته هن سڄي نقصان جا ذميوار نااهل حڪمران ۽ ادارا آهن. اهو عمل انسانيت جي خلاف جرم جي ذمري ۾ اچي ٿو جنھن کي Ecocide جي ڪيس طور چئلينج ڪرڻ گھرجي. ڪانفرنس ۾ ڪيٽلان جي اسيمبلي ميمبر اليسندرا پلازو اسپين کان سندن آزادي جو ڪيس پيش ڪيو   تقريب ۾ عالمي ماهرن جو چوڻ هو ته جيستائين سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن جي مالڪي پاڻ نه ڪندا تيستائين هٿرادو پيدا ڪيل آفتن سميت پنهنجو وجود به بچائي ڪو نه سگهندا. هڪ روزه ڪانفرنس ۾ پرڏيهي جماعتن وچ ۾ اتحاد، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ ماحولياتي تبديلين بابت مختلف ويهڪون ٿيون. جنهن ۾ پختون ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اڳواڻ افراسياب خان خٽڪ، جڳ مشهور پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس، ڪيتلان جي اسيمبلي ميمبر اليسندرا پلازو، انساني حقن جي اڳواڻ بصير نويد، ڊاڪٽر نصير دستي، نيدرلينڊ مان ارون مگونا، دادا واسواڻي مشن برطانيا جي اڳواڻ رام ڪندناڻي، بلوچ نيشنل موومينٽ جي حسن دوست، سردار امجد يوسف، سنڌي سنگت برطانيا اڳواڻ شهزادو وڌيو ۽ عورت اڳواڻ خديجه مهر سميت مختلف مقررن ويچار ونڊيا