ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن پنهنجي ايندڙ فلم ”شيرني“ جو ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو.وديا بالن انسٽاگرام تي ٽيزر شيئر ڪندي ٻڌايو ته فلم جو ٽريلر 2 جون تي جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته اها هن ئي مهيني رليز ٿيندي.اداڪارا طرفان جاري ڪيل فلم جي ٽيزر کي هيل تائين 2 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڏسي چڪا آهن.واضح رهي ته اميت ماسرڪر جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ”شيرني“ ۾ وديا بالن هڪ آفيسرياڻي جو مک ڪردار نڀائيندي نظر ايندي.