ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڦهليل وبائي بيمارين تي ضابطو نه آيو، مختلف هنڌن تي مليريا ۽ گيسٽرو وگهي 7 ٻارڙن ۽ 3 عورتن سميت 14 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، 246 ڄڻا اسپتال ڀيڙا، خبر موجب تنگواڻي جي ڳوٺ يعقوب بهلڪاڻي ۾ 3 سالن جو عزيز الله بکراڻي، ڳوٺ سليم جعفري ۾ 2 سئوٽ 3 ورهين جي سرداري ۽ 2 ورهين جو نياز جعفري گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا،  واهي پانڌي لڳ ڳوٺ بکر جمالي ۾ هڪ ئي رات مليريا سبب ٻه عورتون امت خاتون ۽ ٻڊي زال سڪندر جمالي فوت ٿي ويون، ڀرياسٽي ويجھو ڳوٺ جعفر خان نائچ ۾70سالا پيرسن محمد لائق نائچ گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، خيرپورناٿن شاهه شهر جو رهواسي پورهيت گلشير سولنگي مليريا جي سث نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ جعفر ساريو ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ ڳوٺ اميد علي ٻٻر واسي نينگر رمضان ٻٻر گيسٽرو وگهي دم ڏنو، ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي ويٺل ميھڙ جي ورند جا ڀاڻ واسي عورت مسمات صحت خاتون کوسو فوت ٿي وئي، هوڏانهن حاصل کوسو ۾ ويٺل ٻوڏ متاثر ڳوٺ نوريز چانڊيو جو رھواسي 7 ورھين جو رحيم چانڊيو گيسٽرو وگھي دم ڏنو، فريدآباد ڀرسان سپريو بند تي ويٺل 8 ورھين جو مصري کوسو، ڳوٺ ڪڙيو سبڙ خان واسي ٻوڏ متاثر 10سالن جو نويد ساکاڻي به گيسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺا، ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ منجھو خان چانڊيو واسي 19 سالن جو تنوير چانڊيو مليريا سبب فوت ٿي ويو، قمبر جي ڳوٺ ڄام خان چانڊيو جو رهواسي 65 سالن جو علي احمد چانڊيو گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو، لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ مصري خان ۾ پيرسن محرم جج گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، اسلام ڪوٽ ۾ هڪ ڏينهن دوران 12 ڄڻن جي مليريا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي، حيدرآباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 169 ماڻهو رليف ڪيمپس ۾ گيسٽرو جو شڪار ٿيا، صالح پٽ لڳ ڳوٺ شهباز ڏنو کورکاڻي ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ گيسٽرو تي ضابطو اچي نه سگهيو، رهواسين موجب هن وقت تائين 65 کان وڌيڪ ٻارڙا گيسٽرو ۾ مبتلا آهن،