واڪا ڪرڻ مون وس

0
201
واڪا ڪرڻ مون وس

 ھيڏھئون، ھوڏھئون جون سڀ ڪھاڻيون پنھنجي جاءِ تي. سجاڳي، ساڃاهه، وطن دوستي پنھنجي جاءِ تي. جيڪڏھن سنڌ ملٽي ڪلسٽر انڊيڪيٽر سروي 19۔2018 تي نظر وجهئون  ته کوڙ ھوش رڀا معلومات سان گڏ ھڪ ڇرڪائيندڙ خبر. ھا ڇرڪائيندڙ، زرعي سماج سنڌ ۾ سن ۱۹۶۰ع کان ويندي سن ۲۰۱۹ع تائين ذري گهٽ اڌواڌ آبادي صرف غذائيت جي کوٽ سبب ڪوتاهه قد stunting جو شڪار آھي ته ٿوري نظر انھي سماجي بيماريءَ يا حالت جي باقي لڇڻن تي به وجهو.

  • سکڻ جي محدود صلاحيت
  • سمجهڻ جي محدود صلاحيت
  • سوچڻ جي محدود صلاحيت
  • لکڻ ۽ پڙھڻ جي محدود صلاحيت
  • محدود ذھني صلاحيت
  • ڪمزور مدافعتي نظام
  • گهٽ روزگار ۽ محنت جي صلاحيت
  • بيمارين خاص ڪري متعدي بيمارين ٿيڻ جو خطرو
  • مٺن پيشابن جي بيماري Diabtes
  • ننڍو قد ـ بندرائپ
  • ڪمزور توليدي صلاحيت
  • بي مھل موت

مان ڇا چوان، رڳو ڪنڌ ڦيرايو. ھاڻي جيڪڏھن ڪنڌ ورائي ڏسئون ته سن ۱۹۶۰ع کان اسان جو سماج انھي حالت ۾ آھي. ڪنھن به اسپتال جو چڪر لڳائي ڏسو. اسڪولن ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ٿيندڙ امتحانن جا نتيجا پڙھو. تازو سنڌ يونيورسٽي، ميڊيڪل ۾ داخلا، استادن جي ڀرتي سڀ اھو ڏس پيا ڏين ته اسان جي نسلن ۾ سکڻ، سمجهڻ، سوچڻ، لکڻ ۽ پڙھڻ جي محدود صلاحيت ظاھر ظھور نظر پئي اچي. جيڪڏھن ڏسجي ته ان ڏس ۾ ڪو ڪم ٿئي پيو ته جواب ملندو “ھائو” پراجيڪٽ ھلن پيا. سرڪار جا مقرر ڪيل نااھل نگران ۽ چونڊ غيرسرڪاري تنظيمون پنھنجا پنھنجا گهر ڀرڻ ۾ مصروف آھن. جڏھن ته ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته پرائمري کان ھر سطح جي تعليم تائين اسانکي پنھنجي ٻارن کي “غذا”، “غذائيت”، “کاڌخوراڪ”، “کاڌخوراڪ جي دلجاءِ” سميت بنيادي معلومات پاڙھڻ به گهرجي ۽ عام به ڪرڻ گهرجي. مون گذريل سال ميڊيڪل جي پي ايم سي طرفان تجويز ڪيل ۽ ملڪ جي سرڪاري ۽ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مروج ايم بي بي ايس جي نصاب جو جڏھن غذا ۽ غذائيت متعلق مضمونن جو جائزو ورتو ته خبر پئي ته ان ۾ غذا جي عنوان تحت مختلف مضمونن ۾ جيڪا معلومات ھئي اھا سن ۱۹۹۰ع جي ڏھاڪي واري ھئي. ان مان ڪيتري شاگردن کي پڙھائي پئي وئي، اھو ھڪ الڳ بحث آھي. باقي ٻين ھنڌن تي ھلندڙ مختلف تعليمي سرشتن ۾ ڇا ٿيندو ھوندو، ان جو اندازو پاڻ ڪريو. تازو سن ۲۰۲۰ع ۾ سنڌ جي  صحت کاتي ۾ ھلندڙ مختلف متوازي پراجيڪٽ کاتي ۾ ضم ڪري انھن کي صوبي جا سالياني مالياتي بجيٽ جو تابع ڪيو ويو ۽ اھي سڀ خدمتون جيڪي الڳ ٿلڳ مھيا ڪيون وينديون ھيون انھن کي صحت جي مروج سھولتن ۾ شامل ڪيو. جيڪو تمام بھترين قدم آھي. پر! انھي سڄي عمل ۾ غذا Nutrition تي ڪم ڪندڙ پراجيڪٽ Accelerated Action Plan المعروف AAP ۽ ٻارن جي بيمارين لاءِ ھلندڙ پروگرام Child Survival Program کي وري به شتر بي مھار ھلڻ ڏنو ويو. پھرين پراجيڪٽ مطلب AAP کي ته کڻي چئجي عالمي بئنڪ جي آشيرواد سان جداگانه طرز حڪمرانيءَ تحت ھلايو پيو وڃي جو قرضيءَ جي ڪھڙي مرضي پر ٻيون پروگرام جيڪو سن ۱۹۸۹ع کان بنا ڪنھن نتيجي ڏيڻ جي ھلايو پيو وڃي، ان جو ڪارڻ ڳولڻو پوندو.

ھوڏانھن صحت جي عالمي اداري WHO جي سھڪار سان وفاقي صحت کاتي جيڪو IMNCI-2019 جو مسودو پاڪستان جي سرڪاري حڪمت عملي طور جاري ڪيو آھي، اتفاق سان مان ان جو ايڊيٽر به آھيان. ان تحت اھي ذميواريون جيڪي انھن ٻنھي پراجيڪٽن جون آھن سي اصل ۾ صحت جي سرشتي يعني صحت مرڪزن ۽ اسپتالن جي ذمي آھن جن جي نگراني ضلعي صحت جي نظام تحت ٿيڻي آھي ته پوءِ ھي مھانگا پراجيڪٽ ڇو پيا ھلايون، ان سوال جو ڪو جواب ڪونھي. ڀلا جيڪڏھن اھي ڀلا ڏاند پاليون به پيا ته انھن جي بنيادي مسودن ۾ موجود ڇنڊڇاڻ جي طريقن سان انھن جو ھر ٽئين، ڇھين مھيني، ھر سال اعلانيل جائزو وٺي اھو ڇو نٿا ڏسئون ته اھي دڳ تي به آھن يا مورڳو ستا پيا آھن. انھن پنھنجا مقرر ڪيل حدف حاصل ڪيا؟ جيڪڏھن ڪٿي کوٽ واڌ آھي ته  ان کي ڪيئن بھتر ڪجي.

ياد رھي ته قرض ڏيندڙ ادارن جو ڌيان صرف پئسن خرچ ڪرڻ تي ھوندو آھي پر جيڪڏھن توھان عالمي بئنڪ جي ويب سائيٽ تي وڃي ان AAP پراجيڪٽ جو موجودہ حال ڏسندئو ته توھان کي “غير مطمئن” جو اسٽيٽس نظر ايندو. ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏھن اسان قرض کڻي ڪو ڪم پيا ڪيون جنھن مان قرض ڏيندڙ به مطمئن ڪونھي ته صحت کاتي جي مطمئن ھجڻ جو ڪھڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟