ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) ھائير سيڪنڊري اسڪول ڳڙهي خيرو انتظاميا طرفان شاگردن کان واڌو فيس وٺڻ خلاف شاگردن طرفان اسڪول جي پرنسپال کي وڪيل معرفت ليگل نوٽيس موڪليو ويو ، لاڙڪاڻو بورڊ طرفان مقرر فيس 350 جي بدران اسڪول انتظاميا طرفان في شاگرد کان 600 فيس ورتي پئي وڃي اھڙي عمل خلاف شاگرد عرض محمد ۽ ٻين طرفان پنھنجي وڪيل معرفت اسڪول جي پرنسپال کي ليگل نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسڪول جا ڪلرڪ في شاگرد کان 350 بجائي 600 فيس وٺي رھيا آھن شاگردن جڏھن ڪلرڪ کان اضافي في وٺڻ جو سبب پڇيو ته انھن شاگردن سان بدتميزي ڪئي . ليگل نوٽيس ۾ اسڪول جي پرنسپال کي چيو ويو آهي ته ھو ڪرپٽ ڪلرڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري شاگردن کان ورتل اضافي پئسا واپس ڏياريا وڃن ٻي صورت سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي.