ڪنري (ن پ ا) سيڊ سرٽيفڪيشن جي آفيسر رحمت الله راڄڙ جي فرياد تي عدالت سنڌ واچ فورم جي چيئرمين چنيسر آريسر جا ناقابل گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڪنري جي فريادي رحمت الله راڄڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته چنيسر آريسر کيس مبينا طور ڀتو گھري ٿو ۽ ڌمڪائي رهيو آهي، هن ڄاڻايو ته چنيسر آريسر ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن سندس گھر اچي ڀتو گهريو، جن کي ھڪ لک روپيا ڏنا ۽ وڌيڪ پئسن لاءِ ڌمڪائي ويو، اھڙي درخواست ايس ايڇ او کي ڏني پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، عدالت ڍورونارو پوليس کي حڪم ڏنو ته چنيسر آريسر کي گرفتار ڪيو وڃي، ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل چنيسر آريسر جو چوڻ آھي ته مون هاءِ وي عمرڪوٽ جي ڪرپشن ڪندڙ آفيسرن خلاف نيب ۽ ٻين ادارن کي درخواستون ڏنيون هيون، جنھن بعد انھن آفيسرن ۽ ان جي ٺيڪيدارن منھنجي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، عدالتن مان انصاف جي اميد آھي.