ڪنري: ڪنري پوليس ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٽنھي ڄڻن کي رمانڊ لاءِ فرسٽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ عمرڪوٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پوليس پاران عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس جي جاچ ڪرڻي آھي جنھن سبب جوابدارن جو رمانڊ ڏنو وڃي. عدالت پوليس جي استدعا منظور ڪندي جوابدارن کي ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.