ڪراچي: ڪراچي واٽر بورڊ جي اختيارين پاران پاڻي چوري واري معاملن خلاف ڪاررواين جا تفصيل پڌرا نه ڪيا ويا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڪراچي واٽر بورڊ جي اختيارين پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ روزانو جي بنياد تي ڪارروايون ڪري پاڻي چوري ڪندڙن جون موٽرون ۽ ٻيو سامان ضبط ڪرڻ بعد مبينا رشوت عيوض واپس ڪيو ويندو آهي. ان حوالي سان واٽر بورڊ جي اختيارين پاران گذريل سال جي ڪاررواين ۽ ڏنڊ واري اوڳاڙيل رقم جا تفصيل پڌرا نه ڪيا ويا آهن.