واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي لڳ ڳوٺ محمد علي جمالي جي رهواسين بااثر جي زيادتين خلاف ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن مير خان جمالي، وهاب جمالي، غلام رسول جمالي ۽ ٻين چيو ته بااثر عبدالڪريم جمالي، حسن جمالي الله بخش، سومر جمالي اسان جي همراهه جو رستو روڪي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي اهڙي دانهن کڻي اسان واهي پانڌي ٿاڻي تي وياسين پر هن مهل تائين پوليس ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هنن ايس ايس پي دادو ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي تہ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.