واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ۾ جمالي برادري جي ماڻهن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن حاجي محمد جمالي، شريف جمالي شاهه ڏنو، منظور جمالي ۽ ٻين چيو ته لاشاري برادري جا  بااثر نياز لاشاري، مراد لاشاري وارا هٿيارن جي زور تي اسان جو ٽريڪٽر ڪاهي ويا آهن پر ٿاڻي تي بار بار اچڻ باوجود واهي پانڌي ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.