واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي لڳ سوري رستماڻي ۾ 2 مهينا اڳ اغوا ٿيل ناري مومل رستماڻي جي وارثن پاران سندس بازيابي لاءِ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ناري جي والد رضا محمد رستماڻي،امڙ عظيمان، علي گوهر، گالناز ۽ ٻين دانيهندي چيو ته بااثرن هٿيارن جي زور تي اسان جي ناري کي اغوا ڪري ويا آهن، 2 مهينا گذرڻ باوجود پوليس ڪارروائي نه ڪئي آهي، پوليس رشوت عيوض خاموش تماشائي بڻيل آهي،  هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي نياڻي جي جان خطرو آهي، نوٽيس وٺي کيس بازياب ڪرايو وڃي.