واهه جو ڦاٿا آهن

0
198

اسلام آباد جي  وزيراعظم هائوس ۽ راولپنڊي ۾طاقتور اسٽيبلشمينٽ جي هيڊ ڪوارٽر وچ ۾ لڳ ڀڳ پنجويهه ڪلو ميٽر جو فاصلو ٿيندو. چوڻ لاءِ ته اهو وڌ ۾ وڌ چاليهه پنجاهه منٽن جو سفر آهي پر اهو “ختم ٿيڻ” جو نالو ئي نه ٿو وٺي.

ماضي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪمراني هجي، بينظير ڀٽو جي، نواز شريف جي حڪومت هجي يا زرداري جي، انهي فاصلي کي طئي ڪرڻ ديو مالائي ڪهاڻين وانگر ڪنهن مهم جوئي کان گهٽ نه هو،ڪڏهن وچ ۾ باهه جو درياءَ ته، ڪڏهن مشڪل ترين پهاڙيون،ڪڏهن سوڙهيون گهٽيون ته ڪڏهن ٽه منهيون بلائون،حڪمراني جي ڇڪتاڻ ڪنهن مهم جوئي کان گهٽ نه هئي.

                 ڪير طاقتور آهي ۽ ڪير ڪمزور،ڪير ڪنهن جي هيٺان آهي ۽ ڪير آهي حڪمراني جو حقدار ، ڪير آهي “سچو محب وطن” ۽ ڪير آهي غدار ي جو حقدار ؟ اسان جڏهن کان اک کولي آهي ،پنهنجي  وجود کي انهي دنگل جي وچ ۾ ڏٺو آهي. ننڍي عمر کان بالغپڻي تائين ڪڏهن فوجي حڪمران ته ڪڏهن “جمهوريت”،اسان پنهنجي سياسي شعور جي چوڌاري سياسي حڪومتن ۽ اسٽيبلشمينٽ  ڇڪتاڻ جو ڦاهو ئي ڏٺو آهي.

ڪجهه سال اڳ جڏهن عمران خان جي حڪمراني جو وارو آيو ته ايئن لڳو ڄڻ اها ڇڪتاڻ ڪٿي پس منظر ۾ هلي وئي آهي.هڪ دل ٻه جسم.اسٽيبلشمينٽ لاءِ حڪومت ڄڻ هن جي جسم جو حصو هجي ،عمران خان لاءِ فوج جو ادارو ملڪ جو منظم ترين ادارو ۽ ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ دنيا جي اعليٰ ترين ايجنسي هئي.

اسٽيبلشمينٽ سان هن حڪومت جي غير معمولي ۽ مثالي هم آهنگي سڀني آڏو پڌري هئي.ايئن لڳو ڄڻ هاڻي وزيراعظم هائوس ۽ ملڪي سياستدانن جي ويجهو طاقت جو سرچشمو سمجهي ويندڙ اسٽيبلشمينٽ  جي وچ ۾ ڪابه وٿي ناهي ۽ اهو فاصلو عمران خان جي ڪرڪيٽ جي عروج  ۾ان جي فاسٽ بائولنگ رن اپ وانگر ڪجهه گهڙين ۾ طئي ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت کي ڪو خطرو ٿيو ته غيبي مدد پهچي ويندي.

شروع ۾ ٿيو به ڪجهه ايئن ئي، ڪڏهن ٽي وي اسڪرينن تي نظر ايندو هو ته آرمي چيف جنرل باجوه صاحب جي ساڄي کاٻي حڪومت جي ايڪنامڪ ٽيم جا وزير مشير ويٺا هوندا هئا ۽ سامهون ملڪ جون معروف ڪاروباري شخصيتون ۽ صنعتڪار ويٺا آهن، ڄڻ حڪومت جي معاشي بار کي هلڪو ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جا ڪلها پيش ڪيا پئي ويا.

اهو بحث ٿي سگهي ٿو ته معيشت جي بحالي  ملڪ جي ضرورت هئي  ۽ رهندي ته مدد ڇو نه ڪئي وڃي ها؟پر گهڻن ماڻهن جو تاثر ۽ اپوزيشن جماعتن جو الزام ته 2018ع کان وٺي تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهڻ تائين “غيبي امداد ”جو اثر نظر آيو.اليڪشن ۾ ڏکڻ پنجاب محاذ  جي سياسي موسمي پکين جي نواز شريف کان علحدگي اختيار ڪرڻ ۽ عمران خان جي سياسي آکيري ۾ پناهه وٺڻ ۽ پوءِ چوڌري برادران جي ق ليگ جو ساهه جيڪو اسٽيبلشيمينٽ جي مرضي جي تابع سمجهيو ويندو آهي،انهن جي طرفان حمايت جو اعلان ڪرڻ.

الطاف حسين جي تڪراري تقرير کانپوءِ ڪمزور  ۽ وکريل ايم ڪيو ايم جي حمايت به ماضي جي بدترين دشمن عمران خان جي جهولي ۾ ڪرڻ.ضرورت سياسي هجي يا غير سياسي،اسٽيبلشمينٽ جون بي ساکيون،حڪومت کي مدد ڏيندي نظر آيون.

سينيٽ چيئرمين  جون چونڊون هجن يا انهي جي خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ،اپوزيشن جي ميار۽ شڪايتن جي فهرست ۾ اسٽيبلشمينٽ ئي اڳيان اڳيان رهي .خير انهن جماعتن  ن ليگ،پيپلز پارٽي ۽ مولانا جي جماعت جي سمجهوتن ۽ غير جمهوري روايتن جي “سياسي گناهن” جي ڳڻپ ڪجي ته هڪ الڳ فهرست ٺهي سگهي ٿي .

جڏهن سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ اپوزيشن جي مجموعي تعداد جي ابتڙ لڳ ڀڳ 14 ووٽ گهٽ نڪتا ته وڏو گوڙ ٿيو.بلوچ قومپرست اڳواڻ حاصل بزنجو کان  شڪايت جو سبب پڇيو ويو ته چڙي ميڊيا کي جواب ڏنائين “وڃي جنرل فيض(آءِ ايس آءِ جوسربراهه )کان پڇو.”ڇا انهن حالتن ۽ واقعن کي رڳو اتفاق سمجهجي؟ اهو فيصلو اوهان پاڻ ڪيو!

اسٽيبلشمينٽ ۽ اپوزيشن ۾ وٿي ان وقت وڌي جڏهن نواز شريف ۽ انهي جي ڌيءَ مريم نواز اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪڙو لهجو اختيار ڪيو ۽ اختلافي لڪير وڌيڪ گهري ٿيندي وئي. اپوزيشن اتحاد جي گجرانواله جي جلسي ۾ نواز شريف  پاران جڏهن حاضر سروس فوجي جرنيلن کي هدف جو نشانو بڻايو ويو ته اها وٿي اڃان وڌيڪ وڌي وئي.انهي رويئي کي اسٽيبلشمينٽ جي حلقن ۾ هڪ منصوبابندي سمجهيو ويو.

سياسي چالن جي ماهر آصف زرداري اسٽيبلشمينٽ خلاف اپوزيشن جا تکا تيور ۽ عمران خان حڪومت ڏانهن وڌيڪ جهاءُ محسوس ڪندي پي ڊي ايم مان علحدگي اختيار ڪري ورتي. لڳي ٿو ته عمران خان جي درٻارين اسٽيبلشمينٽ جي انهن مهربان اکين جي اشارن کي مستقل سمجهو ۽ خود اعتمادي ايستائين جو وزير ۽ مشير مرزا غالب جي شعر  وانگر سڄي ملڪ ۾ آڪڙجي اهو چوندي ٻڌا ويا ته عمران خان کان علاوه ٻيو ڪو آپشن ئي موجود ناهي.سياسي تشريح ڄڻ اسٽيبلشمينٽ وٽ ٻيو ڪو آپشن موجود ناهي.

هوڏانهن اپوزيشن جي تجربيڪار ۽ چالاڪ ذهنن جي سياسي ڪٽ جوڙ مان پيدا ٿيندڙ سوال انهن جي پنهنجي پريشاني جو سبب ٿيا.

ڪٿي اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان حڪومت جي اها “پارٽنر شپ”2028ع تائين ته ڊگهي نه ٿي ويندي؟  جنرل باجوه جي ريٽائرمينٽ کانپوءِ آرمي جي ايندڙ سربراه جنرل فيض جي چونڊ جيڪڏهن ٿي ۽ منظوري به عمران خان  جي هٿان ٿي ته پوءِ ڇا انهن جو مستقبل ڪنهن ڀنور ۾ ته نه هوندو؟

اهو ئي سبب آهي جو اسٽيبلشمينٽ ۽ اپوزيشن وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ئي رهي.

پر پوءِ ڪجهه ايئن ٿيو، جيڪو ڪنهن جي وهم  گمان ۾به نه هو.ڪجهه ڏينهن اڳ فوج ۾ جرنيلن جي بدلين ۽ مقررين جو  وقت آيو ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي بدلي جو به. يعني جنرل فيض. جنهن کي فوج جي سربراهه جي ڊوڙ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪنهن ڪور جي ڪمان سنڀالڻ فوجي روايت مطابق لازمي آهي، تنهن ڪري جنرل فيض جي بدلي پشاور جي ڪور ڪمانڊر طور ٿي.انهي جي جاءِ تي ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي ذميواريون ڏيڻ جو اعلان ٿيو.

وزيراعظم هائوس مان فوج جي انهي اعلان جي باضابطه طور منظوري گهربل هئي يعني نوٽفيڪيشن جو جاري ٿيڻ.پوءِ ڪيترا ڏينهن گذري ويا.عمران خان جي چوڌاري سڀ وزير پريشان.سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيو ته سياسي بدحواسي جو شڪار.انهي وچ ۾ اڌ رات جو جنرل باجوه جي عمران خان سان ٽي ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ٿي .صبح شام انتظار.فوج جو اعلان ۽ عمران خان جو انڪار.ڪنن کي اعتبار ئي نه اچي.

پهرين نقطو سامهون آيو ته آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي تقرري وزيراعظم جو صوابديد آهي.پوءِ اهو ته هو آءِ ايس آءِ جي سربراهي لاءِ ٽن جرنيلن جو انٽرويو وٺڻ جي خواهش رکي ٿو.هوڏانهن اسٽيبلشمينٽ جي حلقن ۾ٻڏتر جي ڪيفيت ته آخر ماجرا ڇا آهي؟

انهن حلقن مطابق ته آرمي چيف جنرل باجوه وزيراعظم کي هن سال جولاءِ ۾ ٻڌايو هو ته فوج جي جرنيلن جون معمول مطابق مقرريون ۽ بدليون ٿيڻون آهن .وزيراعظم معاملو اڳتي ڪري ڇڏيو.بقول ذريعن  جي پوءِ آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ به عمران خان سان ذڪر ڪيو ويو.آخرڪار آڪٽوبر جي ڇهه تاريخ تي فوج جو اعلان سامهون آيو ۽ عمران خان جي انڪار سان هڪ ڀونچال اچي ويو.

اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جي لاڳاپن ۾ ڏار ته پئجي  ئي ويا آهن ۽ جيڪڏهن هاڻي وزيراعظم مڃي به وٺي، تڏهن به اعتماد جي کوٽ  مستقل رهندي.

سياسي حلقن ۾ بحث ته عمران خان جيڪڏهن انڪار جي اصرار تي قائم رهيو ته حڪومت جي ڏکياين ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو جتي ڪجهه عرصو اڳ تحريڪ انصاف جي ساٿين ۾ڏهه سال تائين حڪمراني ڪرڻ جي سوچ حاوي هئي، اتي اسلام آباد جي سياسي حلقن ۾ ڏينهن،هفتن، مهينن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

انهي تڪرار هن بنيادي سوال کي وري اڀاريو آهي ته هن ملڪ ۾ آءِ ايس آءِجي سربراه جي تقرري ۽ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي کي وزيراعظم جي چونڊن کان به وڌيڪ اهميت ڇو حاصل آهي ۽ هر دفعي معاملو سياسي بحران جي شڪل ڇو ٿو اختيار ڪري؟

هاڻي تڪرار جي ڀنور ۾ عمران خان جي حڪومت ئي نه  بلڪه اسيبلشمينٽ به ڦاٿل آهي.انهي جي ساک کي ڌڪ لڳو آهي.فوج جي سينيئر ترين جرنيلن جون بدليون ۽ مقرريون به غير ضروري طور تڪراري ٿيون آهن ۽ عمران خان جي حڪومت جي غير معمولي حمايت جو پڇتاءُ به کليل نموني نه ٿو ڪري سگهجي. افسوس ته خاموشي ۾ ڪاوڙ سان ڀريل ڍڪ پيئڻا ٿا پون.

ماضي ۾ تحريڪ لبيڪ جو فيض آباد ڌرڻو هجي يا ڪابل ۾ چانهه جي ڪوپ سان گڏ تصوير جو سوشل ميڊيا تي  وائرل ٿيڻ يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس شوڪت صديقي جا الزام، جنرل فيض حميد جي شخصيت تڪرارن ۾ گهيريل رهي آهي.هاڻي مريم نواز کليل نموني جنرل فيض کي نشانو بڻائي اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيئي کي هٿي ڏيڻ گهري ٿي.

انهي تڪرار ۾ مريم نواز پنهنجو ۽ پنهنجي والد نواز شريف جو فائدو ڏسي رهي آهي. عمران خان  ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ جيڪي ڏار اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم نه وجهي سگهيو هو  انهي کي هاڻي هي موقعو هن تڪرار مهيا ڪيو آهي .

جنرل باجوه ۽ اسٽيبلشمينٽ کي طالبان حڪومت ۽ افغانستان جي غير يقيني صورتحال،آمريڪا سان ڪڙن لاڳاپن هوندي عمران خان جي حڪومت طرفان غير امڪاني تڪرار جي ڪر کڻڻ سان ڳنڀير ڏکايون سامهون آهن. حڪومت هجي يا اسٽيبلشمينٽ انهي تڪرار جو ٻئي شڪار آهن ۽ لڳي ٿو ٻئي خراب ڦاٿا آهن.

هاڻي وزيراعظم هائوس ۽ اسٽيبلشمينٽ جي هيڊ ڪوارٽر جي وچ ۾ سفر شايد ماضي وانگر ڏکيو ٿي ويو آهي،ڄڻ سردي جي موسم جي طوفان  اسلام آباد کي رات جي اونداهي ۾ جڪڙي ڇڏيو هجي.