اڪري چودڳي (ن پ ا)  يوسي اڪري واسي برسات ۽ ٻوڏ  متاثر واهر نه ٿيڻ خلاف روڊن تي نڪري آيا، مهراڻ هاءِ وي تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اميرحيدر شر، ممتاز شر، اختر شر، لياقت شر  ۽ ٻين دانهيدي چيو ته ٽن مهينن کان ڳوٺ ۽گهر برساتي اڻي ۾ ٻڏل آهن، انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي،   خيما نه ملڻ ڪري کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ڪير واهر ڪرڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مدد ڪئي وڃي.