والد ڪنهن کي سڃاڻي نٿو! عمر شريف جي پٽ پاران دعائن جي اپيل

0
413
عمر شريف ۽ سندس گهر ڀاتين

ڪراچي: مشهور اداڪار عمر شريف جي پٽ جواد عمر والد جي ڳڻتي جوڳي حالت بابت مداحن کي آگاهه ڪندي قوم کان دعائن جي اپيل ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جواد عمر جو چوڻ هو ته سندس والد جي طبيعت بدستور خراب هي، هن جو علاج ته ٿي رهيو آهي پر طبيعت ۾ بهتري نه پئي اچي. هن چيو ته ڊاڪٽرن موجب عمر شريف جي دل جو مرض بگڙجي ويو آهي جيڪڏهن هن کي فوري طور امريڪا نه موڪليو ويو ته اوپن هارٽ سرجري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته والد صاحب چنڊ منٽ هوش ۾ اچڻ کانپوءِ به ڪنهن کي نٿو سڃاڻي، هن قوم کان دعائن جي اپيل ڪئي.