والد جو عالمي ڏينهن

0
311

هونئن ته سمورا رت جا رشتا اهميت، عزت ۽ محبت جا حقدار آهن، پر والد ۽ والده جي رشتي جو ڪو به ثاني رشتو ناهي، ماءُ جي ڪک مان جنم وٺندڙ هر ٻار جي تعليم ۽ تربيت کان وٺي زندگي جون سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ والد جو اهم ڪردار هجي ٿو، جيتوڻيڪ هر ٻار جي پالنا ۾ سندس ماءُ جو ڪردار انهي ڪري بي مثال ۽ غير رواجي آهي جو ماءُ پهرين مرحلي ۾ انهي ٻار کي پنهنجي پيٽ ۾ پالي ٿي، انهي کانپوءِ دنيا ۾ اچڻ بعد به ماءُ هر حوالي سان انهي ٻار جو خيال رکي ٿي، انهي سان گڏ ان ٻار توڙي سندس ماءُ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ والد اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي سماجي طور ڪجهه ڪم ڪار ۽ ذميواريون ورهايل آهن، پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهي ئي ڪم ڪار ۽ ذميواريون برابري جي بنيادن تي ادا ڪيون وڃن ٿيون، پر اسان جي سماج ۾ ٻار پئدا ڪرڻ کان وٺي گهر جي ڪم ڪار يا وري ٻارن جي سار سنڀال جي ذميواري عورتن تي هجي ٿي، جڏهن ته ڪمائڻ ۽ خرچ پکي جي ذميواري مردن تي آهي، اهو مرد نوڪري پيشي وارو هجي يا وري ڪو پورهيت يا هاري هجي، پر هن جي مٿان اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي اولاد، زال ۽ والدين جي هر ضرورت پوري ڪندو. هڪڙو ئي شخص جيڪڏهن ٻن يا ٽن پٽن ۽ ڌيئرن جو والد آهي ته هو ڏکن توڙي سکن ۾ انهي سموري اولاد سميت پنهنجي گهر واري ۽ والدين کي سنڀالي ويندو آهي،
سندن ضرورتون پوريون ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي پر وري جڏهن اهو ئي شخص پوڙهو ٿي ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ ڪمائڻ جي سگهه وڃائي ويهندو آهي ته سندس ٻه يا ٽي پٽ يا ان کان به وڌيڪ اولاد هڪڙي والد کي به سنڀالڻ لاءِ تيار ناهي هوندو، اهو ئي سبب آهي جو اولڊ ايج هومز جو تعداد وڌي رهيو آهي، ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن مان ميڊيا وسيلي اهي خبرون به ملن ٿيون ته اولاد پنهنجي پيرسن والد کي گهران ڪڍي ڇڏيو، پوڙهي ماءُ کي گهران ڪڍي ڇڏيو، اهڙي سماجي بي حسي کي ڏسندي دنيا اڄ “والد” جو ڏينهن ملهائڻ تي مجبور آهي، جنهن والد رت ست ڏئي اولاد کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، انهي اولاد وري والدين کي گهران ڪڍي ڪنهن اولڊ ايج هومز تي ڇڏي ڏنو ته پوءِ انهي بي حس اولاد کي جتي والدين جي ياد ڏيارڻ لاءِ اڄوڪو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو، اتي جن ماڻهن سان سندن والدين ماءُ يا پي ءُ گڏ رهن ٿا ته انهن لاءِ به اڄوڪو ڏهاڙو هڪ اهم پيغام کڻي اچي ٿو، هونئن ته هر نيڪ ۽ صالح يا فرمانبردار اولاد پنهنجي والدين جو خيال رکندو آهي، ته پر ڪٿي ڪٿي ڪي بي حس ۽ نا فرمان ماڻهو به موجود آهن، انهن کي اڄوڪي ڏينهن تي اهو احساس ٿيڻ گهرجي ته اهي جيڪي به ڪجهه اڄ آهن، اهو سڀ پنهنجي والدين جي محنت ۽ پورهئي جي بدولت آهن، عمر جي هڪ حصي ۾ ماڻهو جڏهن ٻار هوندو آهي ته اهو والدين کي ڪافي حد تائين تنگ ڪندو آهي، هڪ عورت هجڻ ناتي مونکي احساس آهي ته مون پنهنجا ٻار ڪيئن پاليا آهن ۽ ڪيئن انهن ٻارن جي پالنا ۾ منهنجي مڙس پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، انهي کي ڏسي مونکي پنهنجي والدين جو اڳي کان به وڌيڪ احساس ٿئي ٿو، جڏهن رات جو ٻار سڄي رات سمهن نٿا روئن ٿا جاڳائين ٿا ته اهي اوجاڳا ڪاٽيندڙ والدين اولاد مان بيزار ٿيڻ بدران انهن جي لاءِ وڌيڪ فڪرمند ٿين ٿا،
پوءِ اهي ئي والدين جڏهن پوڙها ٿين ٿا ته اهي وري ٻارن جيان ئي رويو اختيار ڪن ٿا. مثال طور والد يا والده ڪو ڪم چوندا آهن ته اهو ڪم ڀلي ٿي به وڃي پر اهي وري ياداشت ڪمزور هجڻ ناتي اولاد کان بار بار پڇندا آهن، نتيجي ۾ هڪ ٻه ڀيرا آرام سان جواب ڏيندڙ اولاد به ڇڙٻ ڏئي ڳالهائيندا آهن، جيڪو عمل انتهائي نامناسب ۽ بداخلاقي جي دائري ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو جڏهن اسين سڀئي ٻار هئاسين ته ڪيترائي سوال بار بار والدين کان ڪندا هئاسين ۽ اهي انهي ئي پيار منجهان جواب ڏيندا هئا، ڪنهن وڏي غلطي کانسواءِ ڪيترائي والدين اولاد کي دڙڪو به ناهن ڏيندا، پر اربين روپيا والدين جي ملڪيت مان حاصل ڪندڙ اولاد به والدين کي ڪٿي نظر انداز ڪريو ٿا ڇڏين ته ڪٿي وري انهن کي گهر ۾ رکيل ملازمن جي رحم و ڪرم تي رهائين ٿا،
وري ڪڏهن ڪڏهن ڪي غربت ۽ مفلسي واري حالت ۾ پورهيت اولاد به پنهنجي والدين جو هر حوالي سان مڪمل خيال رکن ٿا، جيڪو هڪ خوش آئند ڳالهه آهي، اڄوڪي ڏينهن تي يعني والد جي ڏهاڙي تي هن ديس جي اولاد کي گهرجي ته اهي پنهنجي پنهنجي والد سان بهتر رويو اختيار ڪن، جيڪڏهن ڪي پٽ الڳ الڳ رهن ٿا ته اهي به پنهنجي والدين جي خيال رکڻ ناتي پنهنجي ماهوار آمدني مان سندن خاص مدد ڪن، هن ڏهاڙي تي مونکي اميتاب بچن جي فلم “باغبان” ياد اچي ٿي، اسان جي سماج جي پوري عڪاسي انهي فلم ۾ ٿيل آهي، پر يقين ڄاڻو ته جيڪڏهن والدين کان لاتعلقي اختيار ڪندي کين ڪنهن ايڌي جهڙي اداري وٽ ڇڏي به ايندا تڏهن به اوهان کي دنيا ۾ سڃاڻپ انهي والد جي نالي ئي سان ملندي، انهي ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته والدين جي اهميت ۽ انهن جي خيال رکڻ بابت نصاب ۾ خاص مضمون شامل ڪرڻ گهرجن، سرڪار کي به 60 سال کان وڏي ڄمار جي ماڻهن لاءِ ڪو خاص پيڪيج رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪو نافرمان اولاد والدين جو خيال نه رکي ته اهي پيرسن پنهنجو علاج ۽ ضرورتون پاڻ پوريون ڪري سگهن، يا وري انهي پيرسن والدين جي نالي تي ملندڙ آمدني جي آسري تي ئي اولاد ڪجهه والدين جو قدر ڪري، اولاد کي گهرجي ته پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان بداخلاقي ۽ بدتميزي بدران سندن قدر ڪري، جيئن ايندڙ وقت ۾ انهن جو اولاد به سندن قدر ڪري، هي دنيا هڪ اهڙي سائيڪل آهي جتي جيڪو رويو پنهنجي والدين سان اولاد اختيار ڪندو، اهو رويو سڀاڻي انهي اولاد جي اولاد هٿان کين ڀوڳڻو پوندو.