ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا جي سيشن ڪورٽ پنهنجي ٽن ڀائرن کي قتل ڪندڙ جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪوئيٽا جي ايڊيشنل سيشن جج 5 اسد الله خان جي عدالت ۾ ٽن قتلن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ۽ ملوث جوابدار قيس خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. مقتولن جي والدين جوابدار قيس جي قدم کي غلطي قرار ڏيندي کيس معاف ڪري ڇڏيو، والدين جي بيان موجب جوابدار کان غلطي ٿي، اسان کيس معاف ڪريون ٿا. والدين طرفان جوابدار کي معاف ڪرڻ تي عدالت جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته هلندڙ سال 26 سيپٽمبر جي رات شادي تقريب تان موٽندي جوابدار قيس خان پنهنجي سڳن ڀائرن زريان خان، سيدال خان ۽ زرنگ خان کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته هڪ ملازم ٻار زخمي ٿيو هو. مقتولن جي وارثن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو پر واقعي جي جاچ دوران پوليس جوابدار قيس کي گرفتار ڪيو، جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو ۽ پوليس کي بيان ڏنو ته رنڊڪ روڪ ۽ ملڪيت جي معاملي تي ڀائرن سان تڪرار هو.