والدا شعيب ملڪ کي ڏسي پڇيو ته هي پرڻيل آهي:سونيا حسين

0
640

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا سونيا حسين انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي والدا شعيب ملڪ کي ڏسي پڇيو ته ڇا هي پرڻيل آهي. ادڪارا سونيا حسين هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ شعيب ملڪ سان گڏ مهمان بڻي ان موقعي تي هن ٻڌايو ته شعيب ملڪ اسان جي گهر مهمان ٿي آيو ته والدا کيس ڏسندي رهي ۽ پڇيو ته ڇا هي شادي شدهه آهي، هن چيو ته والدا ڪوبه شريف نوجوان ڏسندي آهي ته سندس پهريون سوال اهوئي هوندو آهي ته ڇا هي پرڻيل آهي. هن چيو ته شعيب ملڪ سان سٺو تعلق آهي اسان جي خاندانن جي هڪ ٻئي وٺ اچ وڃ آهي.