والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي دهشتگردي جاري، ٻن ڏينهن ۾ 6 ڪشميري شهيد

0
853

ڪراچي(م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، وڌيڪ هڪ ڪشميري شهيد ٿي ويو آهي ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فورسز اسلام آباد ضلعي جي علائقي اننت ناگ ۾ هڪ ڪشميري نوجوان کي گهرن جي محاصري ۽ نام نهاد سرچ آپريشن جي آڙ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو

ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج علائقي ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ قابض انتظاميا علائقي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي

ڪي ايم ايس موجب قابض ڀارتي فوج هٿان ٻن ڏينهن ۾ شهيد ڪشميرين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي