مظفر آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئون رڳو پاڪستان جو نه پر آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير جو به پرڏيهي وزير آهيان. آزاد ڪشمير جي علائقي باغ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ پاسي مودي ڪشمير ۾ هڪ ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي آزاد ڪشمير جو عوام ۽ پاڪستان جا نمائندا پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارتي مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪندڙ اصل دهشتگرد آهن، ڪشمير کي سڄي دنيا تڪراري مسئلو تسليم ڪري ٿي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۽ صوبن مان سياسي جماعتن جي اڳواڻن اڄ هتي ڪشمير جي عوام سان گڏ بيهي مودي جي جي – 20 ڪانفرنس جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. اهم ملڪن جو نه اچڻ ڀارتي حڪومت جي ناڪامي آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ آئون هتي پهريون ڀيرو پرڏيهي وزير جي حيثيت سان موجود آهيان، آئون رڳو پ پ جي نه پر سڄي ملڪ، هر شهري، هر جماعت جي نمائندگي ڪيان ٿو، ٻين ملڪن جي صدرن، وزيراعظمن، پرڏيهي وزيرن سان ملندو آهيان ته پاڪستان مان ڪشمير جي ڳالهه ڪندو آهيان، ڇو ته مان پاڪستان سان گڏوگڏ آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير جو به پرڏيهي وزير آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميري عوام سان اسان جو نسلن جو واسطو آهي، قائد عوام ڪشمير جي جنگ وڙهڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا اسان چُپ ٿي وينداسين ته اها سندن ڀُل آهي. پ پ چيئرمين موجب گڏيل قومن ۾ سڄي دنيا کي ياد ڏياريندو آهيان ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت جو نه پر سڀ کان اڳ ڪشمير جي عوام ۽ سڄي دنيا لاءِ مسئلو آهي، ڇو ته ان ئي گڏيل قومن جي ٺهرائن سبب سڄي دنيا مڃي چڪي آهي ته ڪشمير مسئلو عالمي آهي. ٻئي پاسي والاريل ڪشمير ۾ عوام طرفان جي 20 اجلاس جو مڪمل بائيڪاٽ ڪندي وادي ۾ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال ڪئي. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس طرفان ڏنل ڪال تي ڪشمير ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي. مودي سرڪاري طرفان والاريل ڪشمير ۾ غير انساني پابنديون مڙهيون ويون آهن، سري نگر ۾ ڀارتي فوج، پيرا ملٽري فورسز، ايليٽ نيشنل گارڊز ۽ ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف سرينگر جي مختلف علائقن ۾ ڀارتي فوج طرفان دڪاندارن کي گھرائي دڪان کولڻ جي هدايت ڪئي وئي. ڀارتي فوج ۽ پوليس طرفان عمل نه ڪرڻ تي سخت نتيجن جو ڌمڪيون به ڏنيو ويون. واپارين جي 20 اجلاس جي خلاف مڪمل شٽر ڊائون ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. هوڏانهن جي ٽوئنٽي اجلاس ۾ چين، سعودي عرب ۽ ترڪيه شرڪت نه ڪئي آهي، جڏهن ته باقي ميمبر ملڪن جي اڪثريت به صرف پنهنجا سفير هن ڪانفرنس ۾ موڪليا آهن، جنهن سان ڀارت جي ڪشمير ۾ جي _20 ڪانفرنس ڪرائي حالتون معمول تي هجڻ بابت تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي.