واقعي کي 5 سال گذرڻ باوجود انصاف لاءِ واجهائي رهي آهيان: ام رباب چانڊيو

0
274

ميهڙ (رپورٽر) ميهڙ ۾ اڳوڻي يو سي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو جي قتل واري واقعي کي 5 سال مڪمل، مقتول قابل چانڊيو جي 5 سالن جي نياڻي شيرين فاطمه پاران انصاف جو مطالبو ڪرڻ واري وڊيو سامهون اچي وئي آهي

ان سلسلي ۾ ام رباب چانڊيو پاران سرداري نظام خلاف اڄ سرداري نظام نامنظور ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته واقعي کي 5 سال گذرڻ باوجود انصاف لاءِ واجهائي رهي آهيان

May be an image of one or more people, people standing and crowd

جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي گهرواري تهمينا دراني ام رباب کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ٽويٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي

پنهنجي ٽويٽ ۾ تهمينا دراني چيو آهي ته ام رباب کي انصاف ڏيارڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ عمران خان پنهنجو ڪردار ادا ڪن

ميهڙ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل کي پنج سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ سرداري  نظام نامنظور جي نالي سان ڏهاڙو ملهايو ويو، ميهڙ ۾ جلسو  ۽ تقريب منعقد ڪئي وئي، ام رباب چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته منهنجي ٽن گهرڀاتين کي بيدردي سان شهيد ڪيوويو، اڄ ڏينهن تائين انصاف لاءِ واجهائي رهي آهيان

هي به پرهندا

اي آءِ جي سنڌ پوليس کان پڇڻ ٿي چاهيان ته توهان اڃا ڪيترا ظلم ڪرڻ چاهيو ٿا:ام رباب