جيڪب آباد: جاگير جي علائقي ۾ ڏوهارين هٿان شهيد ٿيندڙ 6 اهلڪارن ۽ زخمين واري واقعي جو ڪيس مولاداد ٿاڻي تي جعفرآباد ٿاڻي جي ايس ايچ او طالب حسين لاشاري جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت جوابدار ماجد شاهه عرف مٺو شاهه، صدام عرف بگڙي، ثناءُ الله، محمد ابراهيم، ليم جان، ستار، در محمد، ڪاڪو، عبدالمجيد، ڪريم بخش عرف ڪڇو، وحيد، ڦوٽو، زبير، صلاح عرف صلو ۽ جاڳڻ سميت 15 سڃاتل ۽ 8 اڻڄاتلن سميت 23 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مغوي فرقان سومرو جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪرڻ دوران جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابدار واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويا.