ميهڙ: زمين جي مالڪي تان  کونھارو برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ۾ ھن وقت تائين 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ڌريون پاڻ ۾ عزيز آهن، ھوڏانھن ڪورٽ ۾ سخت سيڪيورٽي، گيٽ وٽ پوليس پوسٽ ۽ پوليس گھاٽ ھجڻ باوجود  جوابدار ھٿيار کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن عدالتي احاطي ۾ بنا ڪنھن خوف جي ٽن ڄڻن کي قتل ڪيو، واقعو پوليس جي لاپرواھي ۽ ڪوتاھي سبب ٻڌايو پيو وڃي، جن حملي آورن کي بنا چڪاس جي ڪورٽ اندر اچڻ ڏنو.