وار ننڍا ڪرائڻ تي ڪوبه پڇتاءُ ناهي:عليزي شاهه

0
350

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا عليزي شاهه چيو آهي ته وار ننڍا ڪرائڻ تي ڪوبه پڇتاءُ ناهي. تفصيل موجب پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي ڀلوڙ اداڪارا ۽ ماڊل عليزي شاهه هڪ ٽي وي شو ۾ شريڪ ٿي سوالن جا جواب ڏنا هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته کيس وار ننڍا ڪرائڻ تي ڪوبه پڇتاءُ ناهي بس ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڊگهن وارن کي ياد ڪندي آهيان. هن چيو ته مداحن کي هروڀرو پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي کين دل تي وٺڻ نه گهرجي. واضح رهي ته عليزي شاهه تي وار ننڍا ڪرائڻ تي مداحن تنقيد جو نشانو بڻايو هو.